حمل

حمل

حمل 2

حمل (Aries): حمل آسماني ستارو آهي، جنهن کي علم نجوم ۾ ‘برج حمل’ چوندا آهن. هن ستاري وسيلي علم نجوم موجب ايندڙ حالتن ۽ قسمت جو اندازو لڳايو ويندو آهي. هن برج جو اثر 11 مارچ کان 20 اپريل تائين ليکيو ويندو آهي. هن برج جي شڪل ’گھيٽي‘ جھڙي آهي. ‘هندي جوتش’ ۾ هن برج کي ’ميک‘ چوندا آهن. نجومين مطابق هن برج جي اثر وارن مهينن دوران پيدا ٿيل ماڻهو پڪي ارادي وارا ۽ ٻين جي ڌيان جي مرڪز هوندا آهن. برج حمل سان واسطو رکندڙ خوش نصيب هوندا آهن ۽ سندن قيادت جي صلاحيت ٻين سمورن برجن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کان گھڻي هوندي آهي. برج حمل سان واسطو رکندڙ شخصن ۾ پختي عزم وارا، چست، شفيق ۽ ٻين جي ڌيان جو مرڪز ٿي خوش ٿيڻ وارا، مهذب ۽ ملڻ جلڻ جا خوش طبع هوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو